اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي فيصلن جو محور ۽ مرڪز عوام کي ريليف ۽ سهولتون ڏيڻ آهي. فرخ حبيب هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪرپٽ ٽولي جون نظرون ملڪي خزاني مان ڦريل دولت کي بچائڻ تي آهن، 2018ع کان اڄ تائين مخالف ڌر ٽائيم پاس کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو. دنيا ۾ سئو سالن جو سڀ کان وڏو ڪورونا بحران هجي يا 50 سالن ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قي??تون بلند ترين سطح تي هجن، وزيراعظم عمران خان سدائين عوام جي لاءِ ”مردِ بحران“ بڻجي سامهون اچي ٿو. دنيا ۾ تي?? جي قي??تن ۾ غي??معمولي اضافي جي باوجود وزيراعظم عمران خان پيٽروليم جي قي??تن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.