اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) روس جي مسلمان اڪثريتي علائقي چچنيا جي صدر رمضان ڪادروف گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا بابت وزيراعظم عمران خان جي موقف کي ساراهيندي ??يو آهي ته روس جا مسلمان کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي نالي پنهنجي خط ۾ چيچنيا جي صدر ??يو ته گڏيل قومن ۽ عالمي فورمز تي پنهنجي دين بابت توهان جي موقف تي ٿورن جي اظهار لاءِ هو ذاتي طور تي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ بي تاب هو، چيچن صدر تازي روس جي دوري دوران وزيراعظم سان ملاقات تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ ??يو ته روس جا 30 لک مسلمان کيس ”وڏي عزت ۽ احترام“ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. صدر ڪادروف ??يو ته هو روس ۾ وزيراعظم جي لاءِ هر طرح جي خ??مت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي پنهنجي فرض شناس ۽ فرمانبردار انسانن ۾ شمار ڪري، الله جي دين ۽ اشاعت اسلام، دفاع ۽ جدوجهد لاءِ اسان هر طرح جي خ??مت لاءِ حاضر آ??يو??، اسان توهان کي روس جي ايندڙ دوري جو بي چيني سان انتظار ڪنداسين.