اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا ۾ امن يقيني بڻائڻ لاءِ قومن کي پنهنجي مفاد تي ٻڌل قانونن تي عملدرآمد بدران اخلاقيات تي ٻڌل ورلڊ آرڊر کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽرين سروسز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??وجوانن جو مستقبل روشن آهي، ملڪ کي م??تحڪم ڪرڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ??اڪستان وٽ سنهري موقعو آهي، دنيا ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان فيصلاسازي ۾ سستي جو شڪار آهيون، جڏهن ته دنيا جلدي فيصلا ڪري رهي آهي جيڪڏهن پارليامينٽ سميت ٻيا فيصلا ساز ادارا فوري فيصلو نه ڪندا ته ??وم ترقي نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته ??اڪستان کي تيزي سان ٽيڪنالاجي جي ان رستي کي اختيار ڪرڻو پوندو، ترقي جو اهو واحد رستو آهي. هن چيو ته جنگ ۽ قتل عام جي تاريخ تمام پراڻي آهي، سڀني م??هبن امن جي تعليم ڏني آهي، ضد، انا ۽ ٻين جي خلاف بالادستي جي ڪري جنگيون ٿينديون آهن، يورپ ۾ جنگين کانپوءِ گڏيل قومون وجود ۾ آئي. هن چيو ته ??اڪستان ق??ئم ٿيڻ کانپوءِ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن ۾ ڀارت کڻي ويو، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته دنيا وڏيون جنگيون ??سڻ جي باوجود ان حقيقت کي نه سڃاتو ته جنگين کان بچڻ گهرجي، دنيا ۾ اخلاقيات ۽ همدردي جا قدر ختم ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسلام مذهب، رنگ ۽ ذات جي فرق کانسواءِ برابري جو سبق ڏي ٿو. هن چيو ته ??اڪستان وٽ عالمي موقعن مان فائدو کڻڻ جو سنهري موقعو آهي. هن چيو ته بيورو ڪريسي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ دانشورن سميت پاليسي سازن تي اها وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ٽيڪنالاجي جي ترقي م??ن فائدو کڻڻ لاءِ پنهنجي ذميداري پوري ڪن. هن چيو ته ??يڪ نيوز ڪمزور قومن تي حملي جي ذريعي جي طور تي استعال ڪئي وڃي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي جعلي خبرن کان پري رهن ۽ پنهنجي هدفن جي رخ تي ان جا منفي اثر پوڻ نه ڏين.