اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي اجلاس ۾ مداخ??ت نه ٿيڻ ڏينداسين، لانگ مارچ ڪندڙن ??ي پهرين ڪڏهن نه روڪيو نه ئي آئنده روڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي لانگ مارچ جي ??علان جي ??والي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي، اجلاس ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس لاءِ دعوت ناما موڪليا ويا آهن، اسلام آباد ۾ او آ3 سي اجلاس پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، مخالف ڌر جي ??والي سان پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر چئي ٿي ته اسان وٽ نمبرز پورا آهن، نمبرز پورا آهن ته اسلام آباد ۾ ڌرڻن جي ڪهڙي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه شيون ا??ڙيون آهن جيڪي وزيراعظم قوم سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي جي ??ريعي وزيراعظم عمران خان قوم کي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جو مقابلو آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ميمبر پنهنجي ??ئيني ۽ قانوني ذميداري کي چڱي ريت سمجهن ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪرڻ اسان جو آئيني جمهوري حق آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي لانگ مارچ ڪيو، حڪومت ڪٿي نه روڪيو، لانگ مارچ ڪندڙن ??ي آئنده به نه روڪيو ويندو.