اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي ??عاون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ اسلامي ??عاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بطور ميمبر پاڪستان اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي تي زور ڏنو ته مس??مان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مس??مانن جو گڏيل آواز آهي. اها مس??مان ملڪن ۽ عالمي ??رادري جي وچ ۾ هڪ پل آهي. مس??مان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مرڪزي ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته او آءِ سي اجلاس جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جو بنيادي هدف مس??مان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هوندو. فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمُون ۽ ڪشمير جا مس??مان هينئر به غلامي ??و شڪار آهن. هن چيو ته اسان کي قراردادن کي اختيار ڪرڻ کان اڳتي وڌي انهن تڪرارن جي مستقل حل جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.