اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ??يڪنالاجي، ملتان ۾ مارچ 2017ع کان سين??ٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ايف سي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ ??يڪنالاجي، ملتان تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر علي ملڪ شرڪت ڪئي، صدر چيو ته يونيورسٽي پنهنجي سين??ٽ جي ميمبرن جي مقرري جي عمل کي تيز ڪري، اداري جي سين??ٽ جو اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪيو وڃي، مارچ 2017ع کان سين??ٽ جو اجلاس منعقد نه ٿيڻ تي صدر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سينيٽ ميمبرن جي مقرري ۾ وڌيڪ ڪا به دير نه ڪئي وڃي، سين??ٽ جو اداري ۾ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ کان بهترين ماڻهن کي سين??ٽ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي، صدر گر??جوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هائبرڊ ذريعي تعليم تي ڌيان ڏيڻ تي به زور ڏنو.