اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي، ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان وزيراعظم رهي، ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو بهتر فيصلو آهي، ته عوام وٽ وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪ??رٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته جڏهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اج??اس ٿيو هو، ته ڪجهه فيصلا ٿيا هئا. اج??اس ۾ اهو به فيصلو ٿيو هو ته معاملو ايوان ۾ آ??دو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اج??اس بعد قومي اسيمبلي جو اج??اس ٿيو هو. اها وڏي مذاق آهي جو رڳو شهباز شريف کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اج??اس بابت ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به نه. بلاول ??رد??ري، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي وڏن اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئي. اسد عمر چيو ته اسيمبلي ۾ جڏهن اسان وياسين بابر اعواڻ ٺهراءُ پي?? ڪيو، ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اج??اس تي بريفنگ لاءِ بل آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اپوزيشن ميمبر به ايوان ۾ موجود هئا. ووٽنگ ٿي ته نعرا لڳايا ويا ته رڳو شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو ويو. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽنگ ٿي پر اپوزيشن رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن ٻئي ڏينهن صبح جو ڇو مطالبو نه ڪيو ته اج??اس سڏايو وڃي؟ جنهن وقت اهو سوال سپريم ڪ??رٽ ۾ اٿاريو ويو تڏهن هو ڪٿي هئا؟ اپوزيشن قوم ۽ سپريم ڪ??رٽ کي آکاڻي ٻڌائڻ بند ڪري، کين ڪجهه به معلوم ناهي. اسد عمر چيو ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان وزيراعظم رهي. ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ اهو ئي بهتر فيصلو آهي.