اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه س??دار اختر مينگل ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر خالد مگسي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وفا??ي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي اختر مينگل، خالد مگسي ۽ ان جي ساٿين جا ٿورا مڃيا. ان موقعي ت?? مسلم ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي ميمبر خواجه س??د رفيق، سردار اياز صادق ۽ راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.