ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي محرومين کي ختم ڪيو ويندو، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي انصاف ۽ قانون ??وج?? حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم خضدار ڪچلاڪ قومي رستي جي پيرهه جو پٿر رکيو، اهو 200 ارب رپين جو منصوبو آهي. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پري ڪواليفڪيشن کانسواءِ ڪانٽريڪٽرز جي چونڊ ڪئي وئي آهي ته پري ڪواليفڪيشن جو عمل ڪيو وڃي ڇو ته سمورو عمل شفاف طريقي ??ان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سٺي شهرت رکندڙ ڪمپنيون اڳتي اچي منصوبي تي ڪم ڪن، انهن کي صلاحيت جو به ڪو مسئلو نه هوندو، بلوچستان پاران تمام گهڻا گلا شڪوا ٿيندا آهن پر هاڻي گلا شڪوا ختم ڪرڻ ۽ محرومين کي خوشين ۾ بدلائڻ جو وقت آهي. هن چيو ته خضدار ڪچلاڪ منصوبي ۾ شفافيت آندي ويندي ۽ منصوبي کي تيزي ??ان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي انصاف ۽ قانون ??وج?? حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪوڙ جو مقابلو سچائي ??ان ڪنداسين ۽ ماضي جي بدترين ٻُڙي ڪارڪردگي جو مقابلو بهترين ڪارڪردگي ??ان ڪيو ويندو، ڪ??تاهي ۽ سستي کي ڏينهن رات محنت ۾ بدلائي ڇڏينداسين.