اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود جي انڊونيشيا مان کاڄرو تيل جي برآمد لاءِ خصوصي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان صنعت ۽ پيدوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ سيڪريٽري ??مداد الله بوسال ملاقات ڪئي، وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير جو کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچن تي انڊونيشيا جو دورو وا??اڻ جوڳو آهي، وقت سر درآمد سان ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي بحران جي خطري ??ي روڪٿام ۽ کاڄرو تيل جي ڪارگو جي آمد سان تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري ??ون ڪوششون وا??اڻ جوڳيون آهن، واضح رهي ته وزيراعظم جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محم??د کاڄرو تيل جي درآمد لاءِ ذاتي خرچ تي انڊونيشيا جو دورو ڪيو، دوري ??و مقصد ملڪ ۾ کاڄرو تيل جي برآمد سان متوقع بحران جي روڪٿام ڪرڻ هو، صنعت واري وزير جي ڪوششن جي ڪري ??نڊونيشيا کان اڍائي لک ميٽرڪ ٽن 10 بحري ??هاز کاڄرو تيل پاڪستان کي فراهم ڪيو پيو وڃي، کاڄرو تيل جي پهرين کيپ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي انڊونيشيا ۾ موجودگي دوران ئي پاڪستان رواني ڪئي وئي هئي.