اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ته جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊيا ۽ اظهار را??ِ جي آزادي ڪنهن تي اح??ان نه آهي پر آئين جي بنيادي گهرج ۽ حق آهي، صحافين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صحافين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع تي صحافين ۽ صحافتي تنظيمن ??ان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد ??ان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2022ع اطلاعات واري وزارت کي ملي ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اطلاعات، قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين ۽ صحافتي تنظيمن ??ان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آزادي ??ان ئي سياست به زندگي ماڻي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۽ صحافين کي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ احساس ذميواري ۾ توازن ??ان معاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته اختلاف را??ِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي را??ِ هموار ڪرڻ جي لاءِ ا??ان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي ??يف يو جي جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي صحافين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافتي تنظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏجي صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.