اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ گڏيل قومن پاران اع??ان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي، ??ڪو??ت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ ٻوڏ جي ??مدادي ڪوششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان يورپين يوني?? ڪائونسل جي ??در چارلس مشيل ٽيليفون تي رابطو ڪيو. يورپي?? ڪائونسل جي ??در پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي ??يان ۽ ملڪيتن جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يورپي يونين جي ??در جا همدردي جي ??ظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يورپي يونين پاران 2.15 ملين يورو جي ??مداد تي ٿورا مڃيا. يورپي يونين جي ??در کي غيرمعمولي برساتن سان سڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وسيع پئماني تي تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان انساني جانين، روزگار، چوپائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ڇو ته ٻن مهينن کانوڌيڪ ٻوڏ جي ور چڙهيل علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم يورپي يونين جي ??در کي ??ڪو??ت جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي سامان جي فوري پهچ ۽ ورڇ شامل آهي. ??ڪو??ت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ ٻوڏ جي ??مدادي ڪوششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي فليش اپيل اڱاري تي شروع ٿي وئي آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري گڏيل قومن پاران اع??ان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي.