ا??لا?? آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جا ايئر بيسز مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن، ترجمان موجب انهن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پور، ٿل، راج?لا??_مشین/44864.html">ن پ??ر، رسالپور، حيات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد آباد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، علي پور، دوداپور، سکر، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه عبدالله ۽ نوشهره ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 مريضن جو طبي معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه انهن ضرورتمند خاندانن تائي?لا??_مشین/44864.html">ن پ??چي رهي آهي جنهن جا گهر ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن، انساني همدردي تحت 4794 خشڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا دٻا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايون ويون.