اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? انتونيو گوتريس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم سيڪريٽري ??نر?? کي ٻڌايو ته پاڪستان کي عام حالتن جي تناسب کان وڌيڪ ٻوڏ درپيش آهي جيڪو موسمياتي طور تي پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت جو خوفناڪ مظهر آهي. هن حڪومت پاران گڏيل قومن جي ادارن، عالمي برادري ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثرين تائين پهچڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي ڪئي ويندڙ امدادي ??ار??واين جو خاڪو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري ??نر?? گوتريس جو پاڪست??ن جو دورو هن نازڪ وقت ?? پاڪستاني عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم پاڪست??ن جي فلڊ ريسپانس پل??ن جي فنڊنگ جي لاءِ گڏيل قومن جي 160 ملين ڊالر جي ”فليش اپيل“ سميت عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري ??نر?? جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت کي ساراهيو. هن سيڪريٽري ??نر?? پاران انهن ٻوڏن جي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي پيغام کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري ??نر?? جي قيادت ۽ وقت سر مداخلت تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ سنگين چئلينجن تي عالمي سطح تي آگاهي ۾ مدد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته عالمي ??ار??ن جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج سان پاڪستان عالمي حدت جي لاءِ سڀ کان گهٽ ذميوارن ۾ شامل آهي. ??ن جي باوجود هي موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي انصاف جي جذبي تحت پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي صنعتي ملڪن پاران ان موسمياتي آفت کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ تعاون جو حقدار آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي جي مرحلي ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي نئين سر تعمير جي لاءِ پاڪست??ن جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي نظام ۽ ٻين عالمي حصيدارن جي مناسب مدد سان موافقت ?? تخفيف جي مختلف منصوبن سميت مستقبل ۾ موسمياتي خطرن جي خلاف لچڪ پيدا ڪرڻ جي پاڪست??ن جي عزم کي ورجايو. پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي وابستگي کي ياد ڪندي سيڪريٽري ??نر?? پاڪستاني عوام ج?? لاءِ پنهنجي بي پناهه جذبن جو اظهار ۽ تعريف ڪندي چيو ته هو پاڪستاني عوام ج?? سخاوت سان گڏوگڏ پنهنجي پاڪستاني رهواسين جي مدد ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ۾ انهن جي فراخدلي جو گواهه آهي. هن چيو ته هو ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهي ۽ ??ن جي اثرن کان پريشان آهي. هن عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ سميت پاڪستان کي مڪمل حمايت ۽ عزم ج?? يقين ڏياريو. سيڪريٽري ??نر?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي رڳو يڪجهتي جو نه پر انصاف جو سوال آهي. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گهربل وڏي پئماني تي تعاون کانسواءِ موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي جلد، سنجيدگي ۽ ذميوارين سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جا هو مستحق آهن. سيڪريٽري ??نر?? گوتريس ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي جي لاءِ پاڪست??ن جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. وزيراعظم ۽ سيڪريٽري ??نر?? بعد ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ??نر?? پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو پڻ ڪندو.