اسلام آباد – 13 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد تو??نائي ئي پاڪس??ان جو مستقبل آهي، متبادل تو??نائي جو استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي جنهن سان عوام تي مهانگائي جو بار به گهٽ پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني زونرجي جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي قيادت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ زونرجي ڪارپوريشن جي صدر رچرڊ جي گائو ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جي درآمدي جو وڏو حصو بجلي پيدا ڪرڻ ??ي لاءِ مهانگو ٻارڻ ??رامد ڪرڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو، ان پرڏيهي ناڻي کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان قابل تجديد تو??نائي جي استعمال طرف وڌون. وزيراعظم چيو ته شمسي تو??نائي منصوبن جي حوالي سان اربع ڏينهن هڪ پري بڊنگ ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ چين بهترين دوست آهن، چين هر داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪس??ان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو چين جي وسيع تر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو حصو آهي، جي ذريعي چين پاڪس??ان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان قائداعظم سولر پاور بهاولپور جو 300 ميگاواٽ جو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ پورو ڪيو هو ۽ اسان جي اڳتي به اها ئي ڪوشش رهندي ته اسان قابل تجديد تو??نائي خاص طور تي سولر، ونڊ انرجي جي حوالي سان سيڙپڪاري کي فروغ ڏيون. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، تو??نائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، قانون واري وفاقي وزير سي??يٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ فهد حسين شرڪت ڪئي. زونرجي ڪارپوريشن پاران وزيراعظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ عطيو ڪيو ويو.