اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ روزاني جي بنياد تي هيلٿ ڪئمپون لڳائي رهيا آهيون. هيلٿ ڪئمپون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو صوبائي ايمرجنسي پوليو سينٽرز ۽ آغا خان جي سهڪار سان لڳائي رهيا آهيون. هن چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 44 جڏهن ته ڪي پي ڪي جي 8 ضلعن ۾ 16 هيلٿ ڪئمپس لڳايون ويون، ??هڙيءَ طرح پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4، بلوچستان جي 7 ضلعن ۾ 13 ۽ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 11 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون. مجموعي طور 5644 مريضن کي طبي ام??اد فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 5 سالن کان گه?? عمر جي 1262 ٻارن کي طبي ام??اد ڏني وئي، جڏهن ته هيلٿ ڪئمپس ۾ 705 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ انهن ڪئمپن ۾ 222 ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳايا ويا.