اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي و??ير آمريڪي سينيٽ ميمبر سان ٿيندڙ ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو مت??ثر ٿيا جيڪي آسٽريليا جي آبادي کان وڌيڪ آهن. هن 66.1 ملين ڊالر جي آمريڪي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ تمام گهڻي ضرورت آهي ڇو ته شروعاتي ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصانن جي نشاندهي ڪري ٿو. پرڏيهي و??ير مت??ثر آبادي کي درپيش چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ صحت جي صورتحال، مليريا، ڊينگي ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ وبائي بيماريون شامل آهن. پرڏيهي و??ير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گرين هائوس جي اخراج جي لاءِ گهٽ کان گهٽ ذميوار هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته آمريڪي ڪانگريس تاريخي طور تي قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئ?? ته آمريڪا پاڪستان سان تعاون جاري رکندو. آمريڪي سينيٽر پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پرڏيهي و??ير سان همدردي جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن پاران پرامن، مستحڪم افغانستان جي ضرورت س??يت علائقائي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي و??ير سينيٽر جيمز رش کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.