اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز ??ريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، مواصلات وارو وفاقي وز??ر مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، اطلاعات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، ريلوي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وز??ر چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وز??ر سردار اسرار ترين، خصوصي معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وز??ر سيد مراد علي شاهه وز??راعظم جي وفد ۾ شامل آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وز??راعظم شهباز ??ريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وز??راعظم شهباز ??ريف چين جي رياستي ڪائونسل جي وز??راعظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي ويهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وز??راعظم شهباز ??ريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وز??راعظم شهباز ??ريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وز??راعظم شهباز ??ريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وز??راعظمن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جا قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفن لاڳاپن جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آه??. س?? پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي منعقد ٿيو هو.