اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورن وف??قي وزيرن جا پنهنجي بيماري دوران عيادت، نيڪ خواهشن ۽ صحتياب?? لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ناڻي واري وف??قي وزير، غربت جي خ??تمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، موسمياتي تبديلين واري وزير، مواصلات واري وزير، توانائي واري وزير، اين ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين ج?? لاءِ ريليف ۽ بحالي جي خ??متن تي خ??اج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ ۾ نقصانن کي عالمي فورم ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي خ??ص طور تي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي عالمي برادري پاران نقصانن ازال?? لاءِ مدد جي خ??طري ۽ موسمياتي تبديلين جي اث??ن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ انهن خطرن ۾ ورتل ملڪن ج?? لاءِ لاس اينڊ ڊيميجز فنڊ قائم ڪرڻ کي پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي وڏي فتح قرار ڏنو. ڪابينا وزيراعظم جي سيڪريٽري سيد توقير شاهه جي والده جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي.