اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي، پنهنجي مو??ف جي تصديق تي الله جي آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو، ٽن س??لن تائين عمران خان منهنجي ڪردارڪشيءَ ڪئي هر حد پ??ر ڪئي، بي بنياد الزامن سان منهنجو ۽ منهنجي خاندان جو مذاق اڏايو ويو، فتح سچائي جي ٿيندي آهي. ڊيلي ميل پاران غلط خبر ڇاپڻ تي معذرت تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??يراعظم چيو ته عمران خان ۽ ان جي حوارين مسلسل ٽي سال منهنجي ڪردارڪشيءَ جي هر حد پ??ر ڪئي، انهن کي ان مهم دوران اهو خيال به نه آيو ته ان جي ان ڪڌي مهم سان ملڪ جي ساک کي نقصان پهچندو ۽ ان جا دوست ??لڪ?? سان لاڳاپا متاثر ٿيندا. وزيراعظم چيو ته مو?? تي ۽ منهنجي خاندان تي بي بنياد الزام هنيا ويا پر مو?? کي الله تعاليٰ جي ذات تي پورو ڀروسو آهي رڳو اهو ئي ان جو ڪوڙ بي نقاب ڪري سگهي ٿو. غلط ۽ جعلي خبرن جي عمر مختصر هوندي آهي فتح سدائين سچائي جي ٿيندي آهي ۽ ڊيلي ميل جي خبر اهو ثابت ڪيو آهي.