اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختيا??ي جي حق لاءِ حمايت جي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??ومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختيا??ي جو حق حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. خودمختيا??ي جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 5 جنوري 1949ع ۾ گڏيل ??ومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) متفقه طور تي گڏيل ??ومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميري عوام جي خودمختيا??ي جي حق جي حمايت جي قرارداد منظور ڪئي هئي. هن چيو ته خودمختيا??ي جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انساني حقن جي دستاويزن ۾ برقرار رکيو ويو آهي، گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي خودمختيا??ي جي حق بابت پنهنجي سالياني قرارداد ۾ ان جي توثيق ڪئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??ومن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي عزم جي احترام جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا گذريل 75 سال ڪشميري عوام تي ظلم جي هڪ افسوسناڪ داستان آهي. هن چيو ته ڀارت ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ دهشت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ هن مظلوم ماڻهن کي خودمختيا??ي جي حق جي پنهنجي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو استعمال ڪرڻ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ??اديءَ ۾ آبادياتي ۽ سياسي تبديليون ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل ??ومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ اهڙا قدم کڻي جنهن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ لکيل خودمختيا??ي جو حق حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ان کي انساني حقن جي خل??ف ورزين کي ف??ري طور تي روڪڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي قدمن کي تبديل ڪرڻ تي پڻ زور ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خودمختيا??ي جي حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ، ڪشمي??ي جي خودمختيا??ي جو حق حاصل ڪرڻ تائين اسان جي ڀرپور، ثابت قدم اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رهندي.