اسلام باد – 26 جنوري(اي پي پي) ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سڏ تي اسلام آبا?? ۾ ??ارت جي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ اوورسيز ڪشميرين جي هٿن ۾ جهنڊا کنيل هئا جيڪي ڀارتي سرڪار خلاف آزادي جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي حريت اڳواڻن چيو ته ڀارت نام نهاد جمهوريت جي نالي تي والاريل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڏاڍ سان شهرين جو قتل ڪري رهيو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڀارت جو دهشتگر??اڻ?? چهرو بي نقاب ڪري رهيا آهن. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي ??ير قانوني قبضي ۽ ڏاڍ وس??لي ڪشميرين جا حق غضب ڪري رهيو آهي. ڀارت دنيا ۾ ڪهڙو جمهوري ملڪ آهي جنهن ۾ ڪشميرين کان سندن بنيادي حق به کسيا ويا آهن.