اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي اولهندي ڪناري جي علائقي ۾ بست??ن کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي ۾ 9 بست??ن کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي تازي ??يصلي جي شديد مذمت ڪري ??و. ??ها عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. اهو قدم فلسطيني عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ??و. ??رجمان چيو ته غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو اسرائيلي قدم ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻيون پونديون جيڪي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻيون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مط??لبو ڪ??ي ٿو جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر بيت المقدس هجي.