اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار جي صحت جي فروغ ۽ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي بابت معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ تي زور ڏيندي چيو ??هي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو ??هي، عالم سڳورا، ميڊيا ۽ راءِ رکندڙ ماڻهو خانداني منصوبابندي جي حمايت سان معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ??ه وڌندڙ آبادي کي روڪڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي اهم ذري??و آهي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا کي خانداني منصوبابندي بابت ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سموريون ڌريون خانداني منصوبابندي ۽ بهتر خانداني صحت کي شادي شده جوڙن جي بنيادي انساني حقن طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن. صدر چيو ??ه خانداني منصوبابندي جي مصنوعات ۽ خدمتن جي طلب ??ور?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عوام جي صحت ۽ غذائيت بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??ه ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه ماءُ جي صحت، توليدي صحت، ذهني ۽ جسماني ڪمزوري ۽ غذائيت جي کوٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن خانداني منصوبابندي ۽ بهتر صحت جي فروغ لاءِ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پاران موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني صدر کي پاڪستان ۾ خانداني منصوبابندي جي خدمتن جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي آبادي فنڊ جي ڪردار بابت آگاهه ڪندي چيو ??ه آبادي فنڊ اهم ادارو آهي جنهن پاڪستان ۾ هيستائين ڪ??ل سموري ڊيموگرافڪ ۽ هيلٿ سروي کي مدد فراهم ڪئي آهي. ڊاڪٽر لوئي شباني چيو ??ه آبادي فنڊ اعليٰ معيار جي خانداني منصوبابندي جي معلومات ۽ خدمتن جي تيز تر فراهمي ۽ پهچ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو ??هي. هن چيو ??ه گڏيل قومن جو آبادي فنڊ گذريل 50 سالن کان پاڪستان کي فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو ??هي.