اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن تي زور ڏنو آهي ته پنهنجي ذهني صلاحيتن ک?? نکارين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ملڪ کي در??يش سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ دانشوراڻي وسيلن، آءِ ٽي جي ڄاڻ ۽ هنر کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي. هو ڪيڊٽ ڪاليج جعفر آباد بلوچستان جي شاگردن ۽ عملي سان ڳالهائي رهيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. تع??يم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته قومن سائنس ۽ تع??يم تي ڌيان ڏئي ترقي ڪئي آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته 22 ملين ٻار اسڪولنک ان ٻاهر آهن جڏهن ته خطي جي ملڪن پرائمري انرولمنٽ جي شرح اٽڪل 100 سيڪڙو حاصل ڪري ورتي آهي. هن چيو ته انهن ٻارن ک?? اسڪولن ۾ آڻ?? جي لاءِ ٺوس ۽ فوري قدم کڻ?? جي ضرورت آهي. هن ملڪ جي معاشي صحت کي بهتر بڻائ?? جي لاءِ نوجوانن ک?? هنر ۽ تع??يم سان ليس ڪر?? جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي قدرتي ۽ انساني وسيلن ٻنهي جي لحاظ کان وڏي صلاحيت رکي ٿو جنهن ک?? ملڪ جي ترقي جي لاءِ مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻ?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ صوبي کي ٻين صوبن جي برابر آڻ?? جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن جي اثرن ک?? گهٽ ڪر?? جي لاءِ ڊيمن ۽ پاڻي کي ذخيرو ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته شاگردن ک?? اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙوڪ انٽرنيٽ آف ٿنگز، روبوٽڪس، ورچوئل ريئلٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي تربيت ڏني وڃي، جنه?? جو زندگي جي هر شعبي ۾ وڏي ضرورت آهي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏين ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر کي ٻڌايو ويو ته ڪيڊٽ ڪاليج جعفر آباد جو قيام 5 مارچ 2009ع تي عمل ۾ آيو، ڪاليج ۾ ستين کان ٻارهين درجي تائين ڪلاسز ٿين ٿيون. ڪاليج مان هيستائين ٻارهين درجي جون 8 انٽريز (اٽڪل 570) پاس آئوٽ ٿي چڪا آهن.