اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جا سمورا خد??ا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جا سمورا خد??ا جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد آدمشماري تي ايم ڪيو ايم جي خد??ن کي خاطرخواهه حد تائين ختم ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪ??وينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ا?? موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو.