اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي شهري جي ٽن امپورٽيڊ گاڏين جي غلط نيلامي تي رقم جي اد??ئي??ي ۽ معافي وٺڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي حڪمن جي خلاف شڪايت ڪند?? ج?? داخل درخواست قبول ??ري ورتي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪسٽمز عملدارن شهري کي بنا نوٽيس جاري ڪرڻ جي ٽي گاڏيون اٽڪل 30 لک رپين جي گهٽ قيمت تي نيلام ڪيون، ايف بي آر شهري کان معافي وٺي ۽ نيلام ٿيل ٽن گاڏين جي قيمت ادا ڪري. هن چيو ته شهري پاران ادا ڪيل ڪسٽم ڊيوٽي پڻ غيرمجاز ڪليئرنگ ايجنٽن کي واپس ڪئي وئي جيڪي بعد ۾ رقم کڻي گم ٿي ويا، ايف بي آر سمورين رسيدن/ دستاويزن جي تصديق ڪري، گاڏين جي قيمت موجب رقم واپس ??ري ۽ درآمد ڪندڙن/ ما??ڪن کي ادا ڪيل ڊيوٽي/ چارجز واپس ڪري. صدر چيو ته شهري سمورا دستاويز فراهم ??ري ته جيئن ايف بي آر 30 ڏينهن جي اندر اد??ئي??ي ??ري سگهي، رقم جي ادائگي ۾ منافعو به شامل ڪيو وڃي ڇو ته نيلامي جي رقم سرڪاري خزاني ۾ پيل رهي. صدر وفاقي محتسب جي حڪمن خلاف افتخار احمد اعواڻ (شڪايت ڪندڙ) جي داخل درخواست قبول ??ري ورتي آهي. تفصيل موجب جاپان ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي خاندان جي ذاتي استعمال جي لاءِ قانوني طور تي ٽي گاڏيون درآمد ڪيون، قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي باوجود ايف بي آر گاڏيون نه ڇڏيون ۽ ڪسٽم عملدارن ٽن گاڏين کي نيلامي ۾ 3019385 رپين جي قيمت تي وڪرو ڪيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو جنهن ايف بي آر کي نيلامي جي رقم ادا ڪرڻ ۽ گهٽ رقم جي اد??ئي??ي جي سببن جو تعين ڪرڻ جو چيو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ کي گاڏين جي نيلامي جي رقم جي اد??ئي??ي مروجه مارڪيٽ ريٽ تي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. سموريون رسمي ڪارروايون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گاڏين کي غلط ٽرمينل تي لاٿو ويو، ڪسٽمز درآمد ڪندڙن کي بنا ڪنهن اطلاع جي گاڏيون نيلام ??ري ڇڏيون، غيرمجاز ڪليئنرگ ايجنٽس کي ڪسٽمز ڊيوٽي واپس ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ درآمد ڪندڙن/ ما??ڪن کي وڏو ما??ي نقصان ٿيو. ٻڌڻي دوران ايف بي آر جي نمائندي مواصلات ۽ نظام ۾ رڪاوٽن جي ??ري معاملي ۾ ڪسٽمز اهلڪارن جي غلطي جو اع??را?? ڪيو. ايف بي آر جي نمائندي ٻڌايو ته رقم وٺي گم ٿي ويندڙ ايجنٽس جا لائيسنس پڻ رد ڪيا ويا آهن. صدر چيو ته ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ پاران درآمد ٿيل گاڏين جي غلط هينڊلنگ کان انڪار ناهي ڪيو ويو ۽ بدانتظامي ثابت ٿي وئي، عملدارن جي ڌيان نه ڏيڻ سان درآمد ڪندڙن/ ما??ڪن کي وڏي ما??ي نقصان ۽ ذهنيت کي منهن ڏيڻو پيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ما??ي نقصان لاپرواهي، رابطي جي کوٽ ۽ ڪسٽمز جي قائم ڪيل ڪليئرنگ سسٽم کان انحراف جي ??ري ٿيو. صدر چيو ته شهري کي پنهنجي غلطي جي ??ري نه پر ڪسٽمز عملدارن جي غلطي سان نقصان ٿيو. صدر شهري جي اپيل منظور ڪندي چيو ته ايف بي آر گاڏين جي قيمت موجب رقم ادا ڪري.