اسلام آباد – 26 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ڪندڙ?? کي سزا جمهوري احتجاج ۽ رياست تي حملي ۾ فرق ظاهر ڪري ٿي، قومي علامتن جي بي حرمتي ڪا به رياست برداشت نه ٿي ڪري سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئين ۽ قانون پائمال ڪري قومي علامتن جي بي حرمتي آمريڪا ۾ ٿئي، برطانيا يا پاڪستان ۾، ا?? کي ڪا به رياست برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند جٿن جي وڪيلن ۽ ٺيڪيدار?? کي آمريڪا کان ئي جواب ملي و??و آهي.