اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کان چار جوابي سوال پڇندي چيو آهي ته ادارن تي ڪڌا حملا ۽ غلط بيانيون توها?? جي سياست جو تعار?? آهي، اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ وزيرآباد حملي کان اڳ ئي فوج ۽ انٽيلي جنس ادارن تي مسلسل گند اڇلائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، الزام هڻڻ کانسواءِ توهان ڪهڙو قانوني رستو اختيار ڪيو، هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هٿياربند فوج جي خلاف غليظ مهم ڪنه?? جي چوڻ تي هلائي، اهڙا ڪڌا هدف ۽ ارادا رکندڙ?? جي موجودگي ۾ ڇا اسان کي ڪنهن دشم?? جي ضرورت آهي، سياسي مقصد?? جي لاءِ مذهب جو استعمال ڪنهن ڪيو، عمران خان چاهي ٿو ته ق??نوني ۽ سياسي نظام کي درهم برهم ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون کي ڪو شڪ نه آهي ته ڪوڙ، غلط بيانيون، يوٽرنز ۽ ادارن تي ڪڌا حملا توها?? جي سياست جو تعار?? آهي، توهان جو رويو عدليه کي پنهنجي خواهش?? جي حق ۾ جُهڪائڻ ۽ قانون مون تي لاڳو نٿو ٿئي جهڙو آهي، گذريل ڪجهه سال?? جي ٺوس حقيقتن سا?? جيڪو ڪجهه ثابت ٿيو آهي، انهي جي بنياد تي توهان بابت پنهنجي ٽوئيٽ ۾، مون لکيو هو. هن چيو ته آئون توهان کان اهو جوابي سوال پڇان ٿو ته اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ بار بار پاڪستان آرمي کي بطور اداري بدنام ڪرڻ توها?? جي سياست جو طريقيڪار رهيو آهي، وزيرآباد واقعي کان به اڳ کان ڇا توهان آرمي، انٽيلي جنس ادارن ۽ انه?? جي قيادت تي مسلسل گند اڇلائڻ جو سلسلو جاري نه رکيو؟ ٻيو سوال اهو آهي ته روزانو ڌمڪائڻ، بي بنياد الزام هڻڻ کانسواءِ توهان ڪهڙو قانوني طريقو اختيار ڪيو؟ توهان وفاقي حڪومت پاران ڪيل تعاو?? جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي ۽ قانوني ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، توهان کي ڪڏهن به سچائي ڄاڻڻ ۾ ڪا دلچسپي ئي نه هئي پر مذمت جوڳي واقعي کي توهان پنهنجي گندي سياسي مقصد?? جي لاءِ استعمال ڪيو. شهباز شريف ٽيون سوال اٿاريندي پڇيو ته هيليڪاپٽر حادثي کانپوءِ شهيدن ۽ هٿياربند فوج جي خلاف سوشل ميڊيا تي غليظ مهم ڪنه?? جي چوڻ تي هلائي؟ ڪهڙي پارٽي جي ٽرول برگيڊ شهيدن جو مذاق اڏايو جيڪو اسا?? جي سياست ۾ ناقابل تصور ۽ ڪلچر ۾ هڪ نئين گهٽ ظرفي جو مظهر هو، ڇا توهان جهڙن اهڙا ڪڌا هدف ۽ ارادا رکندڙ?? جي موجودگي ۾ اسان کي ڪنهن دشم?? جي ضرورت آهي؟ وزيراعظم چوٿون سوال ڪيو ته سياسي مقصد?? جي لاءِ مذهب کي ڪنهن استعمال ڪيو؟ پنهنجي سياسي سرگرمين ۾ مذهبي سڌارن کي ڪنهن متعارف ڪرايو؟ اهڙي طرح توهان انتهائي چالاڪي ۽ ذاتي سياسي مقصد?? جي خاطر پنهنجي حامي?? جي ذريعي سياسي مخالفن کي تشدد جي خطرن ۾ وڌو؟ ڇا توها?? جي پارٽي اڳواڻن مسجد نبوي ﷺ جي تقدس ۽ احترام کي پٺتي وجهندي عورت وزير سميت سرڪاري وفد جي ماڻهن کي هراسان ڪرڻ ۽ بدسلوڪي جو نشانو بڻائڻ جي افسوسناڪ حرڪت جا دليل ۽ جواز نه ٺاهيا هئا؟ وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه پڌري پٽ رهڻ گهرجي ته اڳوڻي وزيراعظم طور ڪرپشن تي جاري ٽرائل کي منهن ڏيندي توهان چاهيو ٿا ته ق??نوني ۽ سياسي نظام کي درهم برهم ڪيو وڃي، توها?? جي نظر ۾ پاڪستان جهنگ بڻجي چڪو آهي ته منهنجو توهان کي مشورو هوندو ته اتي نه وڃو ڇو ته حقيقتون اڪثر تلخ ۽ تباهي آڻيندڙ هونديون آهن، انهن کي ڪنهن ٻئي ڏينه?? جي لاءِ رکي ٿا ڇڏيون.