اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ماحوليات جي بهتري انسانن جي گڏيل بقاءَ جو مسئلو آهي، اجتماعي ڪوششن سان ئي ان چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، بائيو ڊائيورسٽي جو تحفظ نوجوان نسل پنهنجي زندگي جو مشن بڻائين، ڪاربن فٽ پرنٽ ۾ گ??ٽت??ئي آڻڻ سان ماحولياتي تبديلين جي خطرن ۾ گ??ٽت??ئي آڻي سگهجي ٿي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميرين لائيف، مائيڪرو آرگن ازمز، پلانٽس، فنگائي ۽ هر قسم جي جانورن جو تحفظ زندگي جو تحفظ آهي. هن چيو ته نوجوانن ۽ ٻارن کي ماحولياتي آلودگي کان بچاءُ جي فورس بڻڻو پوندو. هن چيو ته پلينيٽ ارٿ جي بقاءَ جي لاءِ ڪم ڪرڻ ايندڙ نسلن جي زندگي جو سوال آهي، هر ان شيءَ جو استعمال ترتيبوار خ??م ڪرڻو آهي جنهن سان ماحول کي نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين آگسٽ کان اسلام آباد مان پلاسٽڪ جي ٺهيل ڊس??وز??بل شين جي خاتمي جي مهم شروع ڪئي پئي وڃي جيڪو بهتر قدم آهي. پلاسٽڪ شاپنگ بيگ، پليٽ، چمچا، ڪانٽا، دٻا، ڪپ، پيالا، ڇري ۽ اهڙي قسم جي هڪ ڀيرو استعمال جي شين جو مرحليوار خ??تمو اولين ترجيح آهي، اسٽرا، پلاسٽڪ جي ڍڪڻ واري شين ۽ شربت جي لاءِ پلاسٽڪ جي لفافن جو استعمال پڻ ترتيبوار خ??م ڪرڻو آهي. هن چيو ته اڄ پلاسٽڪ ۽ ان سان ٺهيل شين سان پکڙجندڙ ماحولياتي آلودگي ختم ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پلاسٽڪ ڪراڪري ۽ ٻيون شيون ٺاهيندڙ ڪاروباري ماڻهن به تعاون جو يقين ڏياريو آهي، واضح تبديلي جي لاءِ عوام تعاون ڪري، ماحوليات واري وزارت جو پلاسٽڪ ڊس??وز??بل شين جي استعمال جي خاتمي جو پلان اهم اڳڀرائي آهي.