اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23 -2022ع دوران زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي آهي، ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان گڏ 27.63 م??ين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذ??يل مالي سال دوران 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي هئي، مڪئي جي پيداوار ۾ 6.9، ڪمند 2.8 ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ته زراعت جي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪا گذ??يل مالي سال دوران 4.27 سيڪڙو هئي، فصلن جي اوسر جي شرح مجموعي طور تي 2.49 سيڪڙو رهي، جيڪا گذ??يل مالي سال دوران 8.19 سيڪڙو هئي. اهم ۽ وڏن فصلن جي اوسر جي شرح 3.20 سيڪڙو رهي جيڪا گذ??يل سال 5.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ٻين فصلن تي اوسر جي شرح 0.23 سيڪڙو رهي جيڪا گذ??يل مالي سال دوران 11.93 سيڪڙو هئي. اقتصادي سروي موجب ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان 27.63 م??ين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. گذ??يل مالي سال دوران ڪڻڪ جي پيداوار 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي، مڪئي جي پيداوار 6.9 سيڪڙو اضافي سان 10.183 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا مالي سال دوران 9.525 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ٿي، ڪپهه جي پيداوار 41 سيڪڙو گهٽتائي سان 4.91 ملين بيلز (ڳٺڙي) رڪارڊ ٿي. گذ??يل مالي سال دوران چانورن جي پيداوار 9.323 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي. لائيو اسٽاڪ (چوپائي مال) جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذ??يل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو، ٻيلي کاتي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذ??يل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو. ٻيلي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذ??يل سال ان ۾ 4.07 سيڪڙو اضافو ٿيو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذ??يل سال ان ۾ 0.35 جو اضافو ٿيو هو.