اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز ??کي?? ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ فنڊز ??کي?? ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ??رب رپيا ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا ??کي?? ويا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته گڏيل طور تي اهي ق??م اسان جي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ فنڪارن جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اهو قدم فلمن جي ذريعي پاڪستان جي بيانيي، ورثي ۽ ثقافت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.