اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پيرس ۾ منعقد ٿي??دڙ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت جي ??اءِ 22 کان 23 جون تائين فرانس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس اڳواڻن کي هڪ نئين گلوبل آرڪيٽيڪچر جي شڪل تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پائيدار ترقي، ماحوليات، توانائي جي ??نتقلي ۽ موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا جي ??الي اعانت جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان موجب سربراهه اجلاس جو م??صد ايندڙ ٻن سالن دوران ٻين اهم عالمي تقريبن ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي نظام جي جامع سڌارن جي ??اءِ گهربل اصولن ۽ قدمن جي ??ضاحت ڪرڻ ۽ اتر ۽ ڏکڻ جي ??چ ۾ وڌيڪ متوازن ۽ منصفاڻي حصيداري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. پاڪستان عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر، جي – 77 اينڊ چائنا ۾ هڪ رهنما ۽ موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي??دڙ س?? کان وڏي اسرندڙ ملڪن مان هڪ جي طور تي سربراهه اجلاس ۾ ٿي??دڙ بحث ۾ حصو وٺندو. وزيراعظم بحث ۾ عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ ۽ قرضن بابت حل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس جي ??وقعي تي ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.