اسلام آباد-23 جولاءِ (ا?? پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا(ترميمي ) بل تي گذريل هڪ سال دوران سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز،پي ايف يو جي ، پ?? پي اي، ايمنڊ، س?? پي اين اي ۽ پي اين ايس کي آن بورڊ ورتو ويو آهي ۽ انهن کي آرا بل ۾ شام?? ڪيو ويو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته مونکي خوشي آهي ته قومي اسيمبلي جي اطلاعات بابت قائمه ڪميٽ?? پيمرا(ترميمي) بل 2023 منظور ڪيو آهي، اه?? بل خميس تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو ، ڪميٽي ميمبرن ۽ منهنجي وچ ۾ بحث کانپوءِ ڪميٽي ان بل جي منظوري ڏني، هن چيو ته پيمرا بل کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي صحيحن سان حتمي شڪل ڏني آهي، بل جي تياري ۾ جو??ئنٽ ايڪشن ڪميٽي جي فعال شرڪت، وقت، ڪوشش ۽ قيمتي ان پٽ تي انهن جي ٿورائتي آهيان، هن چيو ته بل جو مقصد صحافين جي بهتري سميت پاڪستان ۾ آزاد، ذميوار ۽ اخلاقيات تي مشتمل ميڊيا ماحول کي فعال ڪرڻ آهي جئين دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ آهن.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بل جي نمايان خاصيتن ۽ ان جي تياري لاءِ وسيع شراڪتي ۽ مشاورتي عمل جي تفصيلن کان پريس ڪانفرنس ۾ آگاه ڪيو ويندو.