اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ساڻس گڏ شهي?? ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهن، قوم ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ۽ ساڻس گڏ شهي?? ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهي، انهن جي شهادت?? کي اڄ پورو هڪ سال گذري ويو آهي، مون سميت سڄي قوم لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ جي انهن عظيم فرزند?? کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. تاريخ گواهه آهي ته ملڪ کي ميري اک سان ڏسندڙ دشمن جو مقابلو هجي، دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو هجي يا قدرتي آفتون هجن، قوم جڏهن به پنهنجي جوان?? کي ياد ڪيو انهن پنهنجو رت قربان ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. قوم ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد، برگيڊيئر امجد حفيظ شهيد، برگيڊيئر محمد خالد شهيد، ميجر سعيد احمد شهيد، ميجر ايم طلحيٰ منان شهيد ۽ نائيڪ مدثر فياض شهيد جون تصويرون به شيئر ڪيون.