اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ڪارپوريشنز جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي ??يز تر ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي حوالي سا?? اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، هوابازي واري وفاقي سيڪريٽري، نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي فيدرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي ڪارڪردگي جي حوالي سا?? تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سا?? ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو حڪومتي مشينري جو اهم حصو آهي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس سڌارن جي لاءِ سم??را لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن. هن ٽيڪس ڊاڪومينٽيشن جي حوالي سا?? وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطو بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙيون سرڪاري ڪارپوريشنز جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيون آهن انهن جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي ??يز تر ڪيو وڃي ۽ سموريون وفاقي وزارتون نجڪاري ڊويزن سا?? مڪمل تعاون ڪن. اجلاس کي ايف بي آر عملدارن پاران ڏني ويندڙ بريفن?? ۾ ??ڌايو ويو ته ايف بي آر حڪومت پاران ڏني ويندڙ 9415 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪرڻ جي حوالي سا?? پرعزم آهي، جولاءِ 2023ع جي 534 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 538 ارب جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته آگسٽ 2023ع جي 648 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 669 ارب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ جي حوالي سا?? ڊيجيٽل قدمن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بيآر جي ڊيٽابيس کي باقي ادارن سا?? ڳنڍيو پيو وڃي، ايف بي آر 10 لک نئين ٽيڪس ڏيندرن کي سسٽم ۾ آڻڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سا?? هڪ لک 82 هزار نوان ٽيڪس ڏيندڙ سسٽم ۾ شامل ٿيا آهن، پوائنٽ آف سيلز جو دائرو وڌيڪ شهرن ۽ ريٽيلرز تائين ترجيحي بنيادن تي وڌايو پيو وڃي، هن سا?? 20 هزار ريٽيلرز پي او ايس ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم تي پڻ حڪمت عملي ٺاهي پئي وڃي، ڪسٽمز ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان سنگل ونڊو کي وڌيڪ سرڪاري دارن سا?? ڳنڍيو پيو وڃي. اجلاس کي نجڪاري ڊويزن پاران ڏني ويندڙ بريفن?? ۾ ??ڌايو ويو ته ادارن جي نجڪاري جي حوالي سا?? سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، نجڪاري ڊويزن سرڪاري ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي ۽ سروس ڊيليوري جي بهتري ۽ ان حوالي سا?? نجي شعبي جي صلاحيتن جي استعمال ڪرڻ جي لاءِ مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.