ا??لا?? آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگرا??لا??_گیمز/117980.html">? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگرا??لا??_گیمز/117980.html">? وفاقي وزير بظاهر فنانس ڊويزن جي انٽرنل فنانس ونگ جي (جعلي) نوٽيفڪيشن جي ڪاپي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ پڻ ان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي ??ار?? بيان ۾ اطلاعات واري وزارت چيو ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوين آهي پر اها قوم جي توهين به آهي، هر ڪنهن جي ذميواري آهي ته اهو اهڙي قسم جي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪري.