لاهور – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ مول??نا طارق جميل جي پٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته مول??نا طارق جميل جي پٽ جو اوچتو لاڏاڻو انتهائي افسوسناڪ آهي، الله ڪڏهن به ڪنهن کي اولاد جي موت جو ڏک نه ڏيکاري. هن دعا ڪئي ته الله رب العزت عاصم جميل م??حو?? جي مغفرت فرمائي ۽ ان جي پونئيرن کي صبر عظيم عطا فرمائي.