ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل عرب امارات جو دورو مُڪمل ڪري ڪويت جي سرڪاري دوري تي ڪويٽ سٽي جي ??اءِ روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي البطين هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير سهيل محمد المزروعي ۽ پاڪستاني سفارتي عملي ن??ران وزيراعظم کي رخصت ڪيو. ڪويت جي دوري دوران نگران وزيراعظم ڪويت جي ??لي عهد شهزاده شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد ا??نو??ف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. جڏهن ته ڪويتي قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ نگران وزيراعظم جي ??وجودگي ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ??فاهمتي ياداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي ??ئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ مختلف شعبن جن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ??فاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون.