اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ب??وچ چيو آهي ته نئين دهلي ۾ ??اڪ??تان جي هاءِ ڪميشن هلندڙ مهيني ڀارت جي هندو ياترين ??ي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي دوري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ سالياني تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ 166 ويزا جاري ڪيا آهن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ??اڪ??تان هلندڙ مهيني بابا گرو نانڪ جي 544 هين جنم ڏينهن جي تقريبن جي موقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياترين ??ي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر ??ائين ??اڪ??تان اچڻ جي لاءِ ويزا پڻ جاري ڪيا. ترجمان چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي د??رن بابت پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت ??اڪ??تان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان هزارين سک ياترين ??ي ??اڪ??تان ۾ آجيان ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته زائرين ??ي ويزا جاري ڪرڻ ??اڪ??تان جي مذهبي جاين جي د??رن کي آسان بڻائڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي عزم موجب آهي. ترجمان چيو ته هن سال ??اڪ??تان ايندڙ ڀارتي زائرين ??ي 6824 ويزا جاري ڪيا ويا.