اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيره اسماعيل خان ۾ 12 ڊس??بر جي دهشتگرد حملي جي شهيد?? جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عمران خان، محمد جميل، محمد شهاب، فضل سبحان، دائود شاهه ۽ رياست خا?? جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائ??ڪ مختيار علي، لانس نائ??ڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن سپاهي رحمان شاهه، غلام مرتضيٰ، محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان، محمد نصير، وقار الله خان، ولي خان، ذوالفقار ۽ نبيل اختر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر دهشتگرد?? جي حملي جي مذمت ڪئي، شهيد?? جي خاندانن سان همد??دي جو اظهار ڪيو. هن قوم پاران شهيد?? جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انه?? جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيد?? جي درج?? جي بلندي ۽ گهرڀاتي?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.