ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ ??هڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ نه ٿيڻ سان ??ڪر??ر وڌندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالم?? اقتصادي فورم جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامس“ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ ??هڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي، ڊيجيٽل اڪانومي ايندڙ دور ۾ اهميت رکندڙ هوندي، منهنجي راءِ ۾ جيڪو معاملو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها معاشي چٽاڀيٽي نه پر اسٽريٽج?? چٽاڀيٽي آهي، اسٽريٽج?? چٽاڀيٽي معاشي چٽاڀيٽي تي حاوي ٿي و??ي ٿي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايندڙ ترقي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ضروري آهي، وقت سان گڏ مسئلن جو حل ضروري آهي. هن چيو ته تيز رفتار ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻو پوندو، سڀني جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي برابر حاصل ڪرڻ يقيني هجڻ گهرجي، ان سان صحت جي خدمتن کان وٺي سماجي شعبي تائين اثر پون ٿا، ٽيڪنالاجي جي صورت ۾ جڏهن اسٽريٽج?? چٽاڀيٽي و??ي ٿي ته ان سان ترقي يافته 21 هين صديءَ ۾ سائنس جي ترقي مان وڌيڪ فائدو کڻندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ نه ٿيندي ته ان سان ??ڪر??ر وڌيڪ وڌندا، ان معاملي کي غور هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي برابر ورڇ سان معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.