راولپنڊي- 02 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي شهر مچ ۽ ڪولپور ۾ دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو، هن وقت تائين 24 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 4 جوان شهيد ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب 29 ۽ 30 جنوري 2024ع جي رات دهشتگردن بلوچستان ۾ مچ ۽ ڪولپور ڪامپليڪس تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي تي مقرر قانون لا??و ڪندڙ ادارن دليري سان سخت مزاحمت ڪئي ۽ حملي آورن کي هار مڃڻ تي مجبور ڪيو. انهن دهشتگردن کي ان ??انپوءِ ايندڙ سينيٽائزيشن ۽ ڪليئرنس آپريشنز ۾ ڳوليو ويو هو. آءِ ايس پي آر موجب هاڻي علائقو ڪليئر ٿي ويو آهي. فائرنگ ۽ سينيٽائيزيشن/ڪليئرنس آپريشنز دوران ??ذريل ٽن ڏينهن ۾ 24 دهشتگردن کي ماريو ويو. مارجي ويل دهشتگردن ۾ شهزاد بلوچ، عطا الله، صلاح الدين، عبدالوودو ۽ ذيشان اهم دهشتگرد آهن، باقي دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. فائرنگ جي شديد ڏي وٺ دوران قانون لا??و ڪندڙ ادارن جا 4 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. قانون لا??و ڪندڙ ادارن جو موثر جواب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ان جي بي لوث عزم جو ثبوت آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فور??ز ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني ??ڻائڻ لاءِ قانون لا??و ڪندڙ ٻين ادارن سان ??لهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن.