راولپنڊي-08 مارچ (اي پي پي) پاڪ فو?? جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي، بلوچستان جو بهادر عوام هر ڏکي وقت ۾ ثابت قدم رهيو آهي. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام ??ان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري ??کندا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير بلوچستان جي آواران ضلعي جو دورو ڪيو، ڪور ڪمانڊر بلوچستان آرمي چيف جي آجيا?? ڪئي ۽ ان کي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پنهنجي دوري ??وران شهيدن جي وارثن، مقامي اڳواڻن ۽ آبادگارن ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف کي پاڪ فو?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ان موقعي تي اڳواڻن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي زراعت جي اهميت ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو لاءِ فو?? جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف شهيدن جي قربانين کي زبردست خراج تحسين پڻ پيش ڪيو. هن چيو ته آبادگارن کي زرعي سهولتون، آ??ان شرطن تي قرض، ٻج، ڀاڻ فراهم ڪيو وي??دو. جڏهن ته سولر ٽيوب ويل ۽ زرعي ماهرن جون خدمتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. آبادگارن کي ملڪي ترقي ۾ شراڪتدار بڻائڻ ۽ آبادگاري لاءِ پڻ رهنمائي ڏني ويندي. هن چيو ته بلوچستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، بلوچستان جي بهادر عوام تي فخر آهي. فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام ??ان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري ??کندا. پاڪ فوج بلوچستان ۾ سول انتظاميه ??ان گڏجي ترقي ۽ امداد جو عمل جاري ??کندي. آرمي چيف بلوچستان جي عوام لاءِ هڪ ٻيو ڪيڊٽ ڪاليج بڻائڻ واري ??مل جي پڻ تعريف ڪئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪيڊٽ ڪاليج آواران جو افتتاح ڪيو ۽ ڪالي?? جي استادن ۽ شاگردن ??ان پڻ مليو، آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج لاڳاپيل ادارن ??ان گڏجي بلوچستان ۾ رليف ۽ تعميري ??رگرمين کي جاري ??کندي.