اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي تيل تي هلندڙ بج??ي جي منصوبن کي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، بج??ي جي پهچ جي صلاحيت ۾ اضافو لازمي آهي، هوائي، پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، حڪومت ??جلي چوري جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي، بجلي چوري جي روڪٿام ۾ پنجاب جي ڪارڪردگي حوص??ي جوڳي آهي، ٻيا صوبا به بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کڻن، اين ڊي ايم اي برساتن سان ٿيندڙ نقصانن جي ازا??ي جي لاءِ صوبن سان گڏجي ٺوس حڪمت ??م??ي جوڙين. اهڙن خيال جو اظهار هن بج??ي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته م??تل?? وزارتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو پيو وڃي. معيشت بابت م??تل?? اجلاس ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ برساتون ٿي رهيون آهن ان سان ڊيمن ۾ پڻ پاڻي ايندو ۽ پن بج??ي جي پيداوار وڌندي. برساتن سان جاني نقصان به ٿيو آهي. اين ڊي ايم اي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته اين ڊي ايم اي صوبن سان گڏجي حڪمت ??ملي تيار ڪري ته جيئن جتي جتي به برساتن سان نقصان ٿيو آهي اتي امدادي سامان پهچائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ??جلي چوري جي روڪٿام لاءِ پرعزم آهي. بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت ??ا قدم حوص??ي جوڳا آهن. ٻين صوبن کي به ان حوالي سان قدم کڻڻ گهرجن. اهو هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بج??ي جي پهچ جي نظام جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. بج??ي جي پهچ جي نظام ۾ بهتري کانسواءِ گهربل فائدا حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. بج??ي جي پهچ جي نظام ۾ خاميون ۽ ڪمزوريون ختم ڪرڻ لازمي آهي. بج??ي جي پهچ جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ماهرن جون خدمتون وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن بج??ي جي پهچ جي نظام ۾ بهتري آڻي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اضافي بجلي کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. پن بج??ي جي پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بج??ي جي منصوبن کي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هوائي، پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جا ڏورس نتيجا نڪرندا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي سسٽم ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ڇو ته 27 ارب ڊالر جي درآمدات سان اسان پنهنجي بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جون ضروريون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪري رهيا آهيون. مافياز ملڪ جي دولت کي نچوڙي رهي آهي. بج??ي جي پيداوار جي لاءِ جيڪڏهن اسان متبادل ذريعا استعمال ڪريون ته اربين ڊالر جي تيل جو درآمدي بل گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ تفصيلي منصوبابندي جيڪڏهن ڪئي وڃي ته اسان کي مستقبل ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو.