دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان پارلياماني فرينڊشپ گروپ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? تاجڪستان جي مجلس اوليٰ (تاجڪ پارليامينٽ) جي مجلس جي نمائنده (ايوان) جي چيئرمين محمد طاهر ذاڪر زاده سا?? ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي تعاون جي حوالي سا?? اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اڳ کان قائم پارلياماني فرينڊشپ گروپس ۽ باقاعده پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پارليامينٽ جي ميمبرن جي مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم جمهوريه تاجڪستان جي آئين جي 30 هين سا??گرهه تي چيئرمين کي مبارڪباد پڻ ڏني. ياد رهي ته وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ آهي.