اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي)صنعتن، پي??او??ر ?? نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سا?? يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير??ان????ي ۽ هڪ طرفن قدمن جا 5 سا?? مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. سومر ڏينهن وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ جا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جي ڀڇڪڙي آهن، جن ۾ چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي مطابق آزاد، اڻ ڌري ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غير??ان????ي ۽ ظالماڻي قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غير??ان??ني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سنگين ڪارروائين سا?? گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي ??ان??نن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. جنهن سا?? ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي سمورن شهيدن کي سندن لازوال قربانين ۽ سندن ڪٽنب جي ڀاتين کي انهن جي عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. پاڪستان پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو آواز بڻجندو رهندو ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.