اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي وزيرا??ظم لي چيانگ سان انتهائي نتيجاخيز ڳالهه ٻ??لهه ٿي، سي پيڪ تحت اهم قد??ن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ۽ ان تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته چين جي وزيرا??ظم سان ٿيندڙ ڳالهه ٻ??لهه ۾ سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، معيشت، زراعت، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي ڳالهه ٻ??لهه ٿي. وزيرا??ظم چيو ته اسان جي تزويراتي حصيداري ۽ اسان جي بنيادي مسئلن تي مفاهمت علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جو بنياد آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي تقريب جي گڏيل صدارت ڪئي ۽ اهم مفاهمت جي يادداشتن جي دستاويزن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ شريڪ ٿياسين جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافو ٿيندو.