اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال هندو برادري کي ڏياري جي پرمسرت موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته پاڪست??ن جي ترقي ۾ هندو برادري سميت سمورن اقليتن جو ڪردار اهم آهي ۽ سندن ترقي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ اسانجي پ??ري?? ترجيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪست??ن جي حڪومت هندو برادري سميت سمورن اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ سندن ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪست??ن جي ترقي ۾ هر شهري جو ڪردار آهي ۽ حڪومت اقليتن سميت سڀني کي برابر موقعا فراهم ڪري هڪ اهڙي مضبوط، توانا ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ تي يقين ??کي ٿي جتي سڀ گڏجي ترقي جي ثمر مان فائدو کڻي سگهن.