اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) وچ ايشيائي رياست تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلا?? ۾ ??رڪت لاءِ گذريل ڏينهن پاڪستان پهچي ويو آهي. اسلام آباد جي عالمي هوائي اڏي تي واپ??ر واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين مهمان وزيراعظم جو شاندار ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو.
ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستا پيش ڪيا. تاجڪ وزيراعظم جي آمد جي موقعي تي واپ??ر واري وزير ۽ مهمان وزيراعظم وچ ۾ خيرسگالي جون ڳالهيون به ٿيون. پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفارتخاني جون اعليٰ سفارتي اختياريون به موجود هيون. تاجڪستان جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي سهڪار ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلا?? ۾ ??المي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جون اميدون ??ڌي ويون آهن.